ٽاريءَ جو شڪار

ٽاريءَ جو شڪار: هيءُ شڪار جو هڪ قسم آهي، جيڪو سرءُ جي موسم ۾ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ٻيريون گل ۽ ڪچڙا ٻير ڪنديون آهن. ٻٻر به هن موسم ۾ ڦٽي سائو ٿيندو آهي ۽ گل به ڪندو آهي. ڦاڙها ٻير جي ٽاري ۽ ٻٻر جي گلن کائڻ جا شوقين هوندا آهن. شڪاري اهو وجهه جاچي، اتي کڏڻو يا مڏ ٺاهي بندوق کڻي ويهندا آهن ۽ وڻن جون ٽاريون ڪپي کڏڻن جي ڀرسان رکندا آهن. پهرين ڦاڙها انهن ٽارين کي چري، هِري ويندا آهن ۽ جڏهن وري ٻيو دفعو موٽي ايندا آهن ته شڪار ٿي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


شڪار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڏڻ
ڀن
ٽاريءَ جو شڪار
شڪار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون